سنڌ هاءِ ڪورٽ پيپلز پارٽي اڳواڻ ۽ اڳوڻي فشرمين ڪوآپريٽو سوسائيٽي جي چيئرمين نثار مورائي جي ضمانت ۾ 23 آگسٽ تائين واڌ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي
سنڌ هاءِ ڪورٽ پيپلز پارٽي اڳواڻ ۽ اڳوڻي فشرمين ڪوآپريٽو سوسائيٽي جي چيئرمين نثار مورائي جي ضمانت ۾ 23 آگسٽ تائين واڌ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
سنڌ هاءِڪورٽ جي جسٽس جنيد غفار جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ نثار مورائي خلاف ڪرپشن ڪيس جي ضمانت واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي
ٻڌڻي دواران نيب جي پراسيڪيوٽر جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ڊاڪٽر نثار مورائي خلاف ڪرپشن ڪيس ۾ جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي نيب جي چيئرمين جي منظوري کان پوءِ سندس خلاف ريفرنس داخل ڪيو ويندو.
عدالت اڳوڻي فشرمين ڪوآپريٽو سوسائيٽي جي چيئرمين نثار مورائي جي ضمانت ۾ 23 آگسٽ تائين واڌ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.