مديجي ڀرسان ٽريڪٽر ۽ چنگچي جي ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا

Madaji-Accident-31517

مديجي ڀرسان ٽريڪٽر ۽ چنگچي جي ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ليڊي ڊاڪٽر ڊيوٽي تي نه اچڻ خلاف وارثن پاران اسپتال ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي.

جندو ديرو پل وٽ ٽريڪٽر ۽ چنگچي ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مسمات سونل ۽ 10 ورهين جو مقبول پنهور فوت ٿي ويا، جڏهن ته حافظ الهڏنو پنهور، نسيم احمد، مسمات حسينه ۽ شرما زخمي ٿي پيون.

فوتين جا لاش ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال مديجي آندو ويو.

اسپتال انتظاميا پاران حادثي جو شڪار ٿيلن جي وارثن کي ليڊي ڊاڪٽر ڊيوٽي نه اچڻ ڪري لاش شڪارپور کڻائي وڃڻ جو چيو ويو، جنهن تي وارثن مڇرجي اسپتال ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي.

انتظاميا پاران ليڊي ڊاڪٽر ڊيوٽي تي گهرائڻ جي ڪرائڻ بعد ڀڃ ڊاهه بند ڪئي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*