ساماري ۾اسسٽنٽ ڪمشنر سان بدتميزي واري ڪيس جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف روينيو عملي ٻئي ڏينهن به ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو

Samaro-protest-Ravino---31517

ساماري ۾اسسٽنٽ ڪمشنر سان بدتميزي واري ڪيس جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف روينيو عملي ٻئي ڏينهن به ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو.

اسسٽنٽ ڪمشنر سان اگھن جي چڪاس دوران بدتميزي ڪرڻ واري واقعي جي ڪيس ۾ نامزد ڪيل جوابدار جي گرفتار نه ٿيڻ خلاف روينيو ملازمن مختيار ڪار آفيس ۽ اي سي آفيس جي تالا بندي ڪري ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي.

 روينيو ملازمن علي قطب شاهه، جاويد کوسي ۽ معشوق راهو  جي اڳواڻي ۾ مختيارڪارآفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو،بعد ۾ ملازمن ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ايس اي بازار ۾ اگھن جي چڪاس ڪري رهيو هوته هڪ بااثر دڪاندار ساڻس بدتميزي ڪئي، جنهن خلاف ساماري ٿاڻي تي ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪيس داخل ڪرايو ويو، پر پوليس اڃان تائين جوابدار کي گرفتار نه ڪيو آهي.

هنن چتاءُ ڏنو ته جوابدار کي گرفتار نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*