نواز ليگ اڳواڻ دانيال عزيز چيو آهي ته عمران خان کي اليڪشن ڪيمشن ۾ جواب ڏيڻو پوندو مڙس زال ۽ زال مڙس کي ڪوڙي چئي رهي آهي

Daniyal-Aziz-31517

نواز ليگ اڳواڻ دانيال عزيز چيو آهي ته عمران خان کي اليڪشن ڪيمشن ۾ جواب ڏيڻو پوندو مڙس زال ۽ زال مڙس کي ڪوڙي چئي رهي آهي.

اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي دانيال عزيز چيو ته عمران خان چئي رهيو آهي ته جمائمه طلاق کان پوءِ کيس ڪروڙين رپين جا تحفا ڏنا.

سندس چوڻ هو ته عمران جواب ڏئي ڪنهن جي چوڻ تي ريڊ زون ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ کي ملڪ مان 19 هزار ۽ پرڏيهه مان اربين رپين جا فنڊ مليا.هو عمران کي ڀڃڻ نه ڏيندا ۽ پڪڙي عدالت ۾ آڻيندا.

مسلم ليگ نون اڳواڻ چيو ته پي ٽي آءِ 18 سالن تائين هڪ رڪني پارٽي رهي آهي، مٿس 2010ع ۾ اوچتو پرڏيهي فنڊن جو مينهن وسڻ لڳو.

هن چيو ته عمران خان عدالت ۾ پيش ٿي صفايون ڇو نٿو پيش ڪري، عمران کي اليڪشن ڪيمشن ۾ جواب ڏيڻو پوندو.

دانيال عزيز چيو ته ميثاق جمهوريت کان پوءِ عمران خان فتنو بڻجي سامهون آيو. عمران خان شفاف انداز سان پنهنجا اڪائونٽ پيش ناهن ڪيا.

نواز ليگ اڳواڻ چيو عمران خان چئي رهيو آهي ته کيس طلاق کان پوءِ تحفا مليا، مڙس زال ۽ زال مڙس کي ڪوڙي چئي رهي آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*