پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ڪوچ وقاريونس چيو آهي ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾ قومي ٽيم کي ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ٽنهي شعبن ۾ شخت محنت ڪرڻي پوندي

Waqar-Younuis-31517

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ڪوچ وقاريونس چيو آهي ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾ قومي ٽيم کي ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ٽنهي شعبن ۾ شخت محنت ڪرڻي پوندي.

لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ هيڊ ڪوچ وقاريونس چيو ته ميگا ايونٽ ۾ شريڪ قومي ٽيم بهترين رانديگرن تي ٻڌل آهي،جنهن ۾ تجربيڪار ۽ نوجوان رانديگر شامل آهن.

هن وڌيڪ چيو ته عمر اڪمل آهي هاڻي گهڻُو سينيئر ٿي چڪو آهي،جنهن کي وڌيڪ زميواري جو مظاهرو ڪرڻُو پوندو.

وقاريونس وڌيڪ چيو ته عمر اڪمل نه وڌيڪ محنت ٿو ڪري ۽ نه ئي فٽ ٿيڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، کيس ان ڳالهه تي شرمندگي ٿيڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*