چيمپيئنز ٽرافي جي افتتاحي ميچ سڀاڻي انگلينڊ ۽ بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي

England-Vs-Bangladesh-ICC-31517

چيمپيئنز ٽرافي جي افتتاحي ميچ سڀاڻي انگلينڊ ۽ بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته قومي ٽيم پنهنجي پهرين ميچ چار جون تي روائتي حريف ڀارت سان مهاڏو اٽڪائيندي.

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جو ميگا ايونٽ سڀاڻي کان شروع ٿي رهيو آهي،جنهن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ٽيم برمنگهم ۾ ٻيهر تيارين ۾ مصروف ٿي وئي آهي.

پاڪستان جي ٽيم ميگا ايونٽ کان پهرين بنگلاديش جي ٽيم کي هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد شڪست ڏني،جڏهن ته آسٽريليا خلاف ٻي ميچ برسات سبب مڪمل نه ٿي سگهي.

قومي ٽيم اڄ ٻيهر برمنگهم ۾ ڀرپور تيارين ۾ مصروف ٿي وئي آهي.

تيارين واري سلسلي ۾قومي ٽيم  هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جي نگراني هيٺ ڀرپور ٽريننگ ڪئي،جنهن دوران سمورن رانديگرن فزيڪل فٽنس سان گڏ بيٽنگ ۽ بالنگ جي پريڪٽس ڪئي.

واضح رهي ته قومي ٽيم ميگا ايونٽ جي پهرين ميچ ۾ روائتي حريف ڀارت سان مهاڏو اٽڪائيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*