لعلورائنڪ شهر ۾ چورين جو آزار وڌي وڃڻ خلاف شهرين پاران احتجاجي مظاهرو ڌرڻو هنيو ويو

lalurakain pro

لعلورائنڪ شهر ۾ چورين جو آزار وڌي وڃڻ خلاف شهرين  پاران احتجاجي مظاهرو ڌرڻو هنيو ويو.

ذوالفقار بروهي، نواب ٿهيم ۽ ارشد تنيو جي اڳواڻي ۾ شهرين احتجاج ڪري وارهه–لاڙڪاڻو روڊ تي ڌرڻو هنيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته گذريل هڪ هفتي ۾ چورن رڻ ٻاري چئن دڪانن مان لکين رپين جو سامان ٻهاري ويا آهن، پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته چورين تي ضابطو آڻي شهر ۾ امن قائم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*