نئون ديرو ۽ واهي پانڌي ۾ لوڊشيدنگ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا

سنڌ ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي، نئون ديرو ۽ واهي پانڌي ۾ لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

نئين ديري ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ خلاف شهرين ڪاربار بند ڪري مک چوڪ تي ڌرڻو هڻي واپڊا خلاف نعريبازي ڪئي.

واهي پانڌي ۾ ڪاڇي جي رهواسين بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف گرڊ اسٽيشن آڏو ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو.

مظاهرين چيو ته بجلي جي اڻ اعلانيل ۽ ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب رهواسي سخت ڏکيائن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هنن چيو ته ڳرا بل ادا ڪرڻ باوجود 20 کان 22 ڪلاڪن تائين بجلي بند رهي ٿي، جنهن سبب ڪاروبار به سخت متاثر ٿي رهيو آهي.

مظاهرين مطالبو ڪيو ته بجلي جي واڌو لوڊشيڊنگ بند ڪري عذاب مان آجو ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*