نواز ليگ سينيٽر نهال هاشمي پاناماڪيس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي کي ڌمڪيون ڏيندي چيو آهي ته اڄ حاضر سروس سڀاڻي رٽائر ٿيندئو

nehal hasmi

نواز ليگ سينيٽر نهال هاشمي پاناماڪيس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي کي ڌمڪيون ڏيندي چيو آهي ته اڄ حاضر سروس سڀاڻي رٽائر ٿيندئو، اسان اوهان ۽ اوهان جي خاندان لاءِ پاڪستان جي زمين تنگ ڪري ڇڏينداسين.

ڪراچي ۾ ڪارڪنن جي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي نهال هاشمي چيو آهي ته مسلم ليگ ن جو هر دور ۾ احتساب ٿيندو رهيو آهي،  احتساب جي نالي تي انتقام نه ٿيڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته جڏهن پاڪستان ترقي ڪندو آهي ته اهڙو مائينڊ سيٽ ايندو آهي، جيڪو پاڪستان کي پوئتي ڪرڻ چاهيندو آهي.

هن چيو ته هو يوم تڪبير جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، جيڪڏهن کيس جي آءِ ٽي جي بابت ڳالهائڻو هجي ها ته نالو وٺي ها.

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته سنڌ ۾ لوڊشيدنگ حڪومت خلاف سازش آهي، سحري ۽ افطاري وقت لوڊشيڊنگ ٿيڻ سمجهه کان ٻاهر آهي.

نهال هاشمي چيو ته احتساب ڪندڙ ٻڌي ڇڏين ته اڄ حاضر سروس آهيو، سڀاڻي رٽائر به ٿيڻو آهي، اسان اوهان ۽ اوهان جي ڪٽنب لاءِ پاڪستان جي زمين تنگ ڪري ڇڏينداسين………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*