وفاقي حڪومت پنهنجي ئي سينيٽر نهال هاشمي جي بيان کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي

mariyam oranzaib

وفاقي حڪومت پنهنجي ئي سينيٽر نهال هاشمي جي بيان کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي، پي ايم هائوس پاران نهال هاشمي کان وضاحت به طلب ڪئي وئي آهي.

مملڪتي وزير مريم اورنگزيب نهال هاشمي جي بيان کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته بيان سان حڪومت، نواز ليگ ۽ شريف فيملي جو واسطو نه آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته نهال هاشمي جو بيان سندس ذاتي راءِ آهي، ان بيان جو حڪومت، نواز ليگ ۽ شريف ڪٽنب  سان تعلق ناهي.

مملڪتي وزير چيو ته وزير اعظم نوازشريف نهال هاشمي کان وضاحت طلب ڪري ورتي آهي.

هن چيو ته نهال هاشمي جو بيان غير مناسب ۽ افسوس جوڳو آهي، حڪومت آئين ۽ قانون جي بالادستي تي يقين رکندي آهي.

مريم اورنگزيب چيو ته ن ليگ آئين ۽  قانون جو احترام ڪندي آهي، نهال هاشمي جو بيان سندس ذاتي راءِ آهي.

ٻي طرف پي ايم هائوس  سينيٽر نهال هاشمي کان به جواب طلب ڪري ورتو آهي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*