باڊهه ۾ شهري اتحاد پاران شهر ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف ڪامريڊ قادر بروهي، نور محمد بليدي، ڪوڙل ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتاجي مظاهرو ڪيو

badah

 باڊهه ۾ شهري اتحاد پاران شهر ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف ڪامريڊ قادر بروهي، نور محمد بليدي، ڪوڙل ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي هنن چيو ته رمضان شريف شروع ٿيندي ئي باڊهه ۽ ڀرپاسي جي واپارين کاڌي پيتي جي شين جا اگھه چوٽ چاڙهي ڇڏيا آهن جن ۾ سبزي، گوشت، مرغي، فروٽ، کنڊ ،چانور ۽ ٻيون شيون شامل آهن هنن چيو ته دوڪاندارن ۽ واپارين کاڌي پيتي جي شين جا 50 سيڪڙو کان مٿي اگهه وڌائي عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي هنن وڌيڪ چيو ته دوڪاندارن ۽ واپارين دوڪانن ۽ اسٽالن تي سرڪار پاران جاري ڪيل اگھن جون لسٽون نٿا هڻن ۽ پنهنجي من پسند اگھن تي وڪرو ڪري رهيا آهن ان موقعي تي هنن گھر ڪئي ته دوڪاندارن کي سرڪار پاران مقرر ڪيل اگھه تي عام استعمال جون شيون وڪرو ڪرڻ تي پابند ڪري شهرين جي پريشاني ختم ڪئي وڃي .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*