ساماري ۾ اگهه چيڪ ڪرڻ تان اسسٽنٽ ڪمشنر کي گٿا لفظ ڳالهائيندڙ پ پ ايم پي اي روبينا قائمخاني ۽ ايس ايس پي عابد قائمخاني جي ڀائٽيءَ خلاف پوليس ڪارروائي ڪرڻ کان انڪارڪري ڇڏيوآهي

samaro  pro

ساماري ۾ اگهه چيڪ ڪرڻ تان  اسسٽنٽ ڪمشنر کي گٿا لفظ ڳالهائيندڙ پ پ ايم پي  اي روبينا قائمخاني ۽ ايس ايس پي عابد قائمخاني جي ڀائٽيءَ خلاف پوليس  ڪارروائي ڪرڻ کان انڪارڪري ڇڏيوآهي، روينيو ملازمن  ٻئي ڏينهن به دڪاندار ربنواز قائمخاني جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو.

اسسٽنٽ ڪمشنر سان اگھن جي چڪاس دوران گٿا لفظ ڳالهائڻ واري واقعي جي ڪيس ۾ نامزد ڪيل دڪاندار ربنواز قائمخاني جي گرفتار نه ٿيڻ خلاف روينيو ملازمن مختيار ڪار آفيس ۽ اسٽنٽ ڪمشنر آفيس جي تالا بندي ڪري ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي.

 روينيو ملازمن علي قطب شاهه، جاويد کوسي ۽ معشوق راهو جي اڳواڻي ۾ مختيارڪار آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو بعد ۾ ملازمن ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر بازار ۾ اگھن جي چڪاس ڪري رهيو هو ته پ پ ايم پي  اي روبينا قائمخاني ۽ ايس ايس پي عابد قائمخاني جي ڀائٽيءَ ربنواز قائمخاني ساڻس بدتميزي ڪندي گٿالفظ ڳالهايا، جنهن خلاف ساماري ٿاڻي تي ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪيس داخل ڪرايو ويو، پر پوليس جوابدار کي گرفتار ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيوآهي.

هنن چتاءُ ڏنو ته جوابدار کي گرفتار نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*