آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن، ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته آءِ ايم ايف مارچ تائين پاڪستان کي 55 ڪروڙ ڊالر  ڏيڻ تي راضي ٿي ويو آهي.

دبئي ۾ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ 10 ڏينهن تائين جاري رهندڙ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن، آءِ ايم ايف پاڪستان جي معاشي صورتحال بابت 5 سالن جو جائزو مڪمل ڪري ورتو آهي.

ڳالهين ۾ پاڪستان جي نمائندگي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ڪئي، جڏهن ته آءِ ايم ايف پاران جيف فرينڪ ۽ ٻيا اعليٰ عملدار شريڪ ٿيا.

ذريعن موجب، آءِ ايم ايف کي بريفنگ ڏني وئي ته بجلي ۽ گيس جي اگهن ۾ ردو بدل نه ڪئي ويندي، پيٽرول سستو ٿيڻ سان آمدني 68 ارب گهٽ ٿي سگهي ٿي.

آءِ ايم ايف کي بريفنگ ڏني وئي ته سيلز ٽيڪس جي وصولي سبب 28 ڪروڙ اضافو ٿيندو،سرڪلر ڊيٽ گهٽائڻ لاءِ ڪو بانڊ جاري نه ٿيندو ۽ سرڪلر ڊيٽ گهٽائڻ لاءِ نيب ذريعي وصولي ٿيندي.

ڳالهين کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن، مارچ تائين پاڪستان کي 55 ڪروڙ ڊالر ملي سگهندا.

اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ۾ معاشي استحڪام جو سفر ڪاميابي سان جاري آهي، ناڻي ذخير 15 ارب ڊالر کان وڌي ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*