سپريم ڪورٽ پاران جوڙيل پاناماڪيس جي جاچ ڪندڙ ڪميٽي قطري شهزادي حماد بن جاسم کي ٻيو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي

Supreme-Court-13716

سپريم ڪورٽ پاران جوڙيل پاناماڪيس جي جاچ ڪندڙ ڪميٽي قطري شهزادي حماد بن جاسم کي ٻيو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.

جي آءِ ٽي جو اجلاس جوڊيشل اڪيڊمي ۾ ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر واجد ضياءَ جي صدارت هيٺ جاري آهي.

جي آءِ ٽي ميمبرن چيو ته شريف خاندان سان ڪاروباري شراڪت بابت گهڻا تفصيل گهربل آهن، لکت ۾ يا وڊيو لنڪ ذريعي بيان ڏنو وڃي، يا وري ٻه رڪني ٽيم قطر پهچي قطري شهزادي جو بيان وٺي سگهي ٿي.

پاناماليڪس بابت جوڙيل جي آءِ ٽي سيڪيورٽي ايڪسچئنج ڪميشن جي چيئرمين کي به طلب ڪري ورتو.

جي آءِ ٽي جي نوٽيس ۾ چيو ويو اهي ته شريف ڪٽنب سان ڀائيواري بابت تفصيل گهرجن، جي آءِ ٽي جا 2 ميمبر قطر۾ بيان رڪارڊ ڪري سگهن ٿا.

نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته جي آءِ ٽي اهڙي حوالي سان اڳ به خط لکيو پر قطري شهزادي حماد بن جاسم ڪو جواب نه ڏنو هو.

واضع رهي  ته گذريل ڏينهن حسين نواز ۽ نيشنل بينڪ جي صدر سعيد احمد جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو هو، اڄ جي آءِ ٽي ته جي آءِ ٽي وزيراعظم نوازشريف جي ننڍي پٽ حسن نواز جو بيان رڪارڊ ڪري رهي آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*