سپريم ڪورٽ عمران خان کان آف شور ڪمپني واري ڪيس ۾ 5 ٽرانزيڪشنز جا تفصيل طلب ڪري ورتا

Supreme-Court-Pak-Imran-6517

سپريم ڪورٽ عمران خان کان آف شور ڪمپني واري ڪيس ۾ 5 ٽرانزيڪشنز جا تفصيل طلب ڪري ورتا، پي ٽي آءِ جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن کان سياسي جماعتن جي اثاثن جا تفصيل ڪيا آهن، چيف جسٽس چيو آهي ته عمران خان کي جمائما پاران موڪليل 5 ٽرانزيڪشنز کي ثابت ڪرڻو پوندو.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ طرفان عمران خان جي نااهلي جي درخواست تي ٻڌڻي.

چيف جسٽس چيو ته عمران خان نيازي سروسز کي ٽيڪس گوشوارن ۾ ظاهر نه ڪيو آهي، انهي تي نعيم بخاري چيو ته اها غلطي آهي بدنيتي آهي.

جسٽس فيصل عرب چيو ته اوهان اڳ ۾ چيو هو ته آاف شور ڪمپيني کي ظاهر ڪرڻ ضروري ناهي، هاڻ چئي رهيا آهيو ته غلطي آهي،اوهان جي پنهنجي دليل جي نفي آهي.

نعيم بخاري چيو ته اهو منهنجو متبادل دليل آهي، نيو جرسي ۾ نيازي سروسز جا گوشوارا جمع ڪيا ويا،ٽيڪس قانون تحت صادق ۽ امين جو تعين نه ٿيل آهي، عمران خان شيئر هولڊر يا ڊاريڪيٽر نه هو جو نيازي ڪمپني کي ظاهر ڪري.

نعيم بخاري چيو ته لنڊن فليٽ کي ظاهر ڪرڻ کانپوءِ اثاثا ظاهر ڪرڻ جو عمل مڪمل ٿي ويو.نيازي سروسز ۾ عمران خان جي ڀينرن جا شئيرز هئا،ايف بي آر وٽ عمران خان جي خلاف ڪو ثبوت ناهي.

چيف جسٽس چيو ته توهان چئي رهيا آهيو ته عمران خان ايمنسٽي اسڪيم جو فائدو ورتو آهي، فليٽ وڪرو ڪرڻ کان پوءِ آف شور ڪمپني کي ڇو زنده رکيو ويو؟

نعيم بخارري چيو ته قانوني ڪيس هلي رهيا هئا انهي جي ڪري هن ڪمپني کي زنده رکيو ويو آهي،نعيم بخاري چيو ته جمائما جي موڪليل رقم جا به تفصيل ڏينداسين.

انهي تي چيف جسٽس چيو ته رقم جا تفصيل بني گالا جي زمين خريداري سان گڏ ڏيو.

چيف جسٽس چيو ته اوهان کي ثابت ڪرڻو پوندو ته رقم جمائما موڪلي. اسان گهرائي ۾ وڃي رهيا آهيون، جمائما جا تفصيل اچڻ تائين فيصلو نه ٿو ڪري سگهجي.

سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کان اهم سوال پڇيا، عدالت چيو ته ڪميشن جماعتن جي اثاثن جي پڙتال ڪڏهن ڪندو آهي؟

سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کان پڇاڻو ڪيو ته تفصيل شائع ڪڏهن ٿيندا آهن، ڪميشن ڪنهنن جي چوڻ تي فارن فنڊنگ جي پڙتال ڪري ٿو، ڪميشن ڪڏهن ڪئين ڪاروائي ڪري ٿو، ڇا ڪميشن وٽ فارن فندنگ جي لاءِ ازخود نوٽس جو اختيار آهي.

چيف جسٽس چيو ته ڇاڪميسن فوجداري انڪوائري ڪري سگهي ٿي،ڇا اليڪشن ڪميشن وٽ فاارن فنڊنگ جو ڪيس هجڻ باجود سپريم ڪورٽ ڪيس ٻڌي سگهي ٿي،جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن کي فارن فندنگ جي پڙتال جو اختيار ڏيون ته ڇا ٿيندو؟، ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*