سانگهڙ ۾ انجلي مينگهواڙ جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

سانگهڙ ۾ مينگهواڙ برادري پاران ناري انجلي مينگهواڙ جي بازيابي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ناري انجلي مينگهواڙ جي بازيابي لاءِ مينگهواڙ برادري جي سوين ماڻهن پريس ڪلب سانگهڙ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي مينگهواڙ برادري جي ماڻهن چيو ته مسلمانن جيان هندو به سنڌ جا حقيقي وارث آهن، انجلي مينگهواڙ 13 سالن جي آهي، کيس ورغلائي سندس مذهب تبديل ڪرايو ويو.

هنن مطالبو ڪيو ته انجلي مينگهواڙ کي فوري طور بازياب ڪرائي هندن جو تحفظ ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*