جاتي ويجھو جوابدارن حملو ڪري ٻن نوجوانن کي قتل ۽ ٻن ڀائرن سميت 4 ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي، پوليس موجب واقعو فصل جي ڀيل تان پيش آيو آهي

jati-map.

ڳوٺ الهبچايو ملاح ۾ جوابدارن ڳوٺاڻن ته حملو ڪري ڏنو جنهن ۾ڪهاڙيون لڳڻ جي نتيجي ۾ 30ورهين جو سڪيلڌو ملاح قتل ٿي ويو، جڏهن ته الهڏنو، محمد ،قاسم۽ حسين ملاح سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

لاش ۽ زخمين کي جاتي جي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان زخمين کي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب سول اسپتال ٺٽي کانپوءِ سول اسپتال ڪراچي  منتقل ڪيو پئي ويو ته محمد ملاح فوت ٿي ويو.

جاتي پوليس موجب فصل جي ڀيل تان ملاح ۽ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار ٿيو، جنهن تان چانڊيا ڌر جي ماڻهن حملو ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*