وزيراعظم نوازشريف نواز ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پاران ڪابل ڌماڪي جي مذمت ڪئي وئي آهي

وزيراعظم نوازشريف نواز ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پاران ڪابل ڌماڪي جي مذمت ڪئي وئي آهي.آرمي چيف چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان افغان عوام ۽ فورسز سان گڏ آهي.

افغانستان ۾ جرمن سفارتخاني ويجهو ٿيل ڪار بم ڌماڪي جي سياسي ۽ عسڪري قيادت مذمت ڪندي انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان افغان عوام ۽ فورسز سان گڏ آهي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان نفيس ذڪريا به ڪابل ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڌماڪي ۾ ڪجهه پاڪستاني سفارتڪار به زخمي ٿيا آهن.

نفيس ذڪريا چيو ته حملي تي پاڪستان طرفان افغان اختيارين ۽ عوام سان تعزيت جو اظهاnawaz qamar bajwaر ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*