سنڌ اسيمبلي پاران ڪي اي سي بابت ٺاهيل پارلياماني ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڪي اي ايس سي جو سي اي او شرڪت ڪرڻ لاءِ نه آيو

sindh assembly

سنڌ اسيمبلي پاران ڪي اي سي بابت ٺاهيل پارلياماني ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڪي اي ايس سي جو سي اي او شرڪت ڪرڻ لاءِ نه آيو، ڪاميٽي جي چيئرمين جاويد ناگوري پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٽن ڏينهن اندر انتظاميا اجلاس ۾ نه آئي ته جيل موڪليو ويندو.

سنڌ اسيمبلي ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪاميٽي جي چيئرمين جاويد ناگوري، شهريار مهر، ساجد جوکيو، شاهينه بلوچ خرم شيرزمان، صيف الدين خالد ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.

اجلاس ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او پاران شرڪت نه ڪرڻ تي ميمبرن پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪاميٽي جي چيئرمين جاويد ناگوري چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ کي مذاق پئي سمجهي، ٽن ڏينهن اندر ڪاميٽي آڏو سي اي او پيش نه ٿيو ته هو پاڻ انهن وٽ ويندا.

ميمبرن چيو ته شرم اچڻ گهرجي شهر ۾ بجلي جو ايترو وڏو بحران آهي ۽ ڪي اي سي انتظاميا ان کي سنجيده نه پئي وٺي.

هنن چيو ته ڪي ايليڪٽرڪ جي انجنيئرز جون ڊگرين تي به شڪ آهي ان جي ڊگرين جي جاچ ٿيڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*