گهرو کاتي جي صوبائي وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته بچت بازارن ۾ وڪرو ٿيندڙ شين جي قيمتن ۽ ڪوالٽي تي ڪابه سوديبازي نه ٿيندي

sohail anwer siyal

گهرو کاتي جي صوبائي وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته بچت بازارن ۾ وڪرو ٿيندڙ شين جي قيمتن ۽ ڪوالٽي تي ڪابه سوديبازي نه ٿيندي، بچت بازارن ۾ پرائز لسٽن تي عمل کي يقيني بڻايو ويندو.

الادين پارڪ ويجهو بچت بازار جو دورو ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سهيل انور سيال جو چوڻ هو ته عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.

هن چيو ته بچت بازارن جي سڪيورٽي لاءِ قدم کنيا ويا آهن جيئين بچت بازارن مان م عوام جي سڪيورٽي يقيني بڻائي سگهجي.

صوبائي وزير  بچت بازار ۾ خراب فروٽ وڪرو ڪرڻ تي بازار جي انتظام سنڀاليندڙ کي معطل ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*