ٺارو شاهه ويجھومبينا طور هاري تي حملو ڪري سندس موٽر سائيڪل کي باهه ڏئي ساڙڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو

thahru shah

ٺارو شاهه ويجھومبينا طور هاري تي حملو ڪري سندس موٽر سائيڪل کي باهه ڏئي ساڙڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو،ڳوٺاڻن موجب پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهيڳوٺ خاوند ڏنو موريو جي ڳوٺاڻن حاجي اڪبر چنا، فرحان چنا ۽ ٻين  احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙڳوٺاڻن چيو ته سندن نوجوان مختيار چنو پاڻي جي واري تي وڃي رهيو هو ته رستي ۾ لڪل 4 ڄڻن محمد حسن چنو، نورمحمد، احسن ۽ صدرالدين چنو مٿس حملو ڪري سندس موٽر سائيڪل کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو،جڏهن ته سندن نوجوان ڀڄي جان بچائي.

هنن چيو ته ٺاروشاهه پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيوآهي.

جڏهن ته الزام هيٺ آيل ڌر جي محمد حسن چنا ۽ ٻين پريس ڪلب پهچي ٻڌايو ته مٿن الزام هڻندڙڌر سان سندن  سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي، جنهن تان مٿن  ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ سندن مخالفن ڊرامو ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*