وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ توانائي جي کوٽ کي پوري ڪرڻ لاءِ هنگامي قدم کنيا آهن

cm noria bad

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ توانائي جي کوٽ کي پوري ڪرڻ لاءِ هنگامي قدم کنيا آهن،  سنڌ صوبو هاڻي بجلي پيدا ڪرڻ ۾ پاڻڀرو آهي.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ نوري آباد ۾ تيار ڪيل 100 ميگاواٽ جي پاور پلانٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي  وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ٿرڪول فيلڊ بلاڪ 2 جي ترقي ۾ سيڙپڪاري کان علاوه، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ هيٺ نوري آباد ۾100 ميگاواٽ گيس فائرڊ پاور پلانٽ لڳڻ ۾ سنڌ حڪومت سٺي پيش رفت ڪئي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت 2 ارب رپين جي لاڳت سان ڊسپيج ڪمپني لميٽڊ ذريعي 95 ڪلوميٽرن تي ٻڌل خاص ٽرانسميشن لائين لاءِ فنڊ مهيا ڪري انهي منصوبي کي ڪامياب ڪرڻ ۾ ڏينهن رات محنت ڪئي.

وڏي وزير چيو ته  نوري آباد پاور پلانٽ لڳڻ جو سڀ کان پهرين فائدو ڪراچي جي عوام کي ٿيندو، هن منصوبي جو مقصد ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جي خاتمي، صنعت ۾ سڌارو آڻڻ، روزگار مهيا ڪرڻ ۽ ڪراچي جي شهرين کي خوشحال ڪرڻ آهي.

مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته 100 ميگاواٽ منصوبي جي افتتاح کانپوءِ  ڪراچي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ گهٽجي ويندي ۽ ڪراچي جي شهرن کي سستي بجلي پڻ مهيا ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*