ڪشميرين سان ايڪتا جي اظهار لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون
آزادي جي جدو جهد ۾ ڀارتي اڳرائين جو نشانو بڻجندڙ ڪشميرين سان ايڪتا جي اظهار لاءِ سڄي ملڪ ۾ ڪشمير جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ به ريليون ڪڍي ڪشميرين سان ايڪتا جو اظهار ڪيو ويو پيو وڃي.
ڪشميري عوام سان ايڪتا جو لاءِ اسلام آباد، لاهور، حافظ آباد سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ انساني هٿن جي زنجيرون ٺاهي ريليون ڪڍيون پيون وڃن.
لاڙڪاڻي ۾ ضلعي انتظاميا جي سڏ تي شهرين ريلي ڪڍي ڪشميرين سان ايڪتا جو اظهار ڪيو، ان دوران ڀارتي جارحيت خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.
محرابپور، اسلام ڪوٽ، قمبر، جيڪب آباد ۽ ٽنڊو محمد خان، ڪشمور، جعفرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ به ڪشميرين سان ايڪي جي اظهار طور ريليون ڪڍيون پيون وڃن.