سنڌ ۾ ٽريفڪ پوليس جي وردي ۾ تبديلي ڪئي پئي وڃي

سنڌ ۾ ٽريفڪ پوليس جي وردي تبديل ڪئي پئي وڃي، ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ نئين سليٽي رنگ جي وردي پهريل اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي.

ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڊاڪٽر امير شيخ جو چوڻ آهي ته ٽريفڪ پوليس ۾ سڌارا آندا پيا وڃن ۽ پهرين مرحلي ۾ ٽريفڪ پوليس جي وردي تبديل ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته نئين سليٽي رنگ جي  وردي پهريل اهلڪارن کي ڪراچي جي ڪلفٽن، تين تلوار، آءِ آءِ چندريگر روڊ ۽ ٻين علائقن ۾ مقرر ڪيو ويو آهي.

ڊي آءِ جي جو چوڻ هو ته ٽريفڪ اهلڪارن جي نئين وردي بابت عوام کان راءِ معلوم ڪري حتمي فيصلو ڪيو ويندو.

نئين وردي پهريل اهلڪارن وردي جي تبديلي واري فيصلي جي ساراهه ڪندي چيو آهي ته اڇي وردي جلد ميري ٿيندي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*