اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ليبر قانون ۽ پورهيتن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت واري قانون تي عملدرآمد لاءِ حڪومت ڪوششون ڪري رهيا آهيون

nasir ali shah pc

اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير  ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ليبر قانون ۽ پورهيتن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت واري  قانون تي عملدرآمد لاءِ حڪومت ڪوششون ڪري رهيا آهيون.

ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي ڪو به اعتراض آهي ته گڏيل صلاح مشوري سان قانون ۾ ترميم لاءِ سفارشون ٺاهيون وڃن.

هن چيو ته ليبر کاتي ۾ پورهيتن لاءِ مقرر ڪيل نوڪرين واري ڪوٽا تي به عمل ڪرايو ويندو.

ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته پورهيتن لاءِ جمع ٿيندڙ فنڊ جي غلط استعمال ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏينداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*