سيٺارجا ۾ ڳوٺاڻن بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

setarja

سيٺارجا ۾ ڳوٺاڻن بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ڳوٺ سڪندر آباد شر جي رهواسين ڳوٺ ۾ بنيادي سھولتن جي کوٽ خلاف نثار احمد شر، طارق شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو.

ڳوٺاڻن چيوته سندن ڳوٺ قديمي آهي، پرڳوٺ کي گئس، ڊرينيج نظام ۽ مٺي پاڻي جي سھولت نه ھجڻ ڪري کين سخت مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پئجي رهيوآهي.

هنن وڌيڪ چيو ته بنيادي سهولتون نه ڏنيون ويون ته هو چونڊيل  نمائندن  اڳيان سخت احتجاج ڪندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*