عمرڪوٽ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

umerkot pani pro

عمرڪوٽ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

قبول شاخ جي آبادگارن سيد راضي شاھ لڪياري، قبول شاهه، عنايت الله ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾مظاهرو ڪري ميرپور خاص  – عمرڪوٽ روڊ تي ٽائرن کي باهه ڏئي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ جي اچ وڄ معطل ٿي وئي .

آبادگارن الزام هنيو  ته آبپاشي عملي پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا  ڪئي آهي، جنهن  سبب سندن فصلن کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته ڊائريڪٽر نارا ڪئنال کي هٽائي شاخ جي پوڇڙ  تائين  پاڻي پهچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*