سيشن ڪورٽ عمرڪوٽ جي عدالت ڪنري ٿاڻي تي گنڊا گردي ڪرڻ واري ڪيس جي مک جوابدار ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ زيد ٽالپر جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي

nawab zaid talpur

سيشن ڪورٽ عمرڪوٽ جي عدالت ڪنري ٿاڻي تي گنڊا گردي ڪرڻ واري  ڪيس  جي مک جوابدار ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ  زيد ٽالپر جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

سيشن جج عمر ڪوٽ جي عدالت  ڪنري ٿاڻي ۾ ايس ايڇ او  جي ڪرسي تي ويهڻ ۽ گنڊا گردي واري  ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ نواب زيد ٽالپر جي 50 هزار رپين عيوض 5 ڏينهن لاءِ عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

عدالت ۾ پيشي دوران  نواب زيد ٽالپر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ايس پي عمر ڪوٽ عثمان اعجاز باجوا پ پ ايم پي اي تيمور ٽالپر جي ونگار وهندي کيس ڪوڙي ڪيس ۾ڦاسايو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته هو ڪيسن کان ڊڄي ڀڄڻ وارو نه آهي ۽ ڪيس کي منهن ڏيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*