عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته عدالت ۽ حڪومت وچ ۾ ڇڪتاڻ بعد سڀني کي خبر پئجي وئي آهي ته حڪومت دهشتگرد مافيا آهي

shaikh rasheed

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته عدالت ۽ حڪومت وچ ۾ ڇڪتاڻ بعد سڀني کي خبر پئجي وئي آهي ته حڪومت دهشتگرد مافيا آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته عدالت ۽ حڪومت جي وچ ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي چڪي آهي.

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو  ته حڪومت کي دهشتگرد مافيا قرار ڏيڻ تي قوم جسٽس شيخ عظمت سعيد کي سلام پيش ڪري ٿي.

هن چيو ته جسٽس عظمت سعيد عوام جي دل جي ڳالهه ڪئي آهي. ادارن، عدالت ۽ حڪومت ۾ سخت دٻاءُ ۽ ڇڪتاڻ پيدا ٿي چڪي آهي.

شيخ رشيد چيو ته اها ڳالهه سامهون اچي چڪي آهي ته حڪومت مافيا جيان ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، حڪومت جڏهن بيوقوف ٿيندي آهي ته اهڙيون ڳالهيون ڪندي آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*