وزيراعظم نوازشريف جي نياڻي مريم نواز چيو آهي ته احتساب لاءِ نوازشريف جهڙي دل هئڻ گهرجي

mariyan tweet

وزيراعظم نوازشريف جي نياڻي مريم نواز چيو آهي ته احتساب لاءِ نوازشريف جهڙي دل هئڻ گهرجي، حسن ۽ حسين نواز جو آمريت ۾ به احتساب ٿيو کين بهادري جو تمغو ملڻ گهرجي.

پنهنجي هڪ ٽوئٽ پيغام ۾ مريم نواز چيو ته احتساب لاءِ پيش ٿيڻ لاءِ نواز شريف جهڙي دل هئڻ گهرجي.

هن چيو ته حسن ۽ حسين نواز اهڙي عظيم انسان جا پٽ آهن، جيڪو هر احتساب مان ڪامياب ٿي نڪتو آهي.

وزيراعظم نوازشريف جي نياڻي چيو ته سڀني کي خبر آهي ته  سڀ کان اڳ کائنس احتساب جي ڳالهه ڪنهن ڪئي هئي.

مريم نواز چيو ته حسن ۽ حسين ڪڏهن به سياست جوحصو ناهن رهيا، آمريت دوران هنن قيد جون تڪليفون برداشت ڪيون ان ڪري کين بهادري تي  تمغو ملڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*