ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت دهشتگردن جي علاج واري ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي اڳواڻ سليم شهزاد کي آزاد ڪرڻ جا آرڊر جاري ڪيا آهن

ATC Karachi

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت  دهشتگردن جي علاج واري ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي اڳواڻ سليم شهزاد کي آزاد ڪرڻ جا آرڊر جاري ڪيا آهن.

ساڳي ڪيس ۾ ڊاڪٽر عاصم، وسيم اختر، رئوف صديقي، انيس قائمخاني، قادر پٽيل ۽ ٻيا جوابدار اڳ ۾ ئي ضمانت تي آزاد آهن.

سليم شهزاد ٻين سمورن ڪيسن ۾ به ضمانت حاصل ڪري ورتي آهي، جنهن سبب اڄ سندس آزادي جا امڪان آهن.

سليم شهزاد تي 1992 ۾ لانڍي ۽ کوکرا پار ٿاڻن ۾  ڀڄ ڊاهه ۽ باهيون ڏيڻ  وارا ڪيس داخل  ڪيا ويا هئا.

ڪراچي جي اي ٽي سي ۽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اوڀر جي عدالت سليم شهزاد جا رليز آرڊر جاري ڪيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*