وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ وفاقي حڪومت طرفان سنڌ کي ڏنل تحفو آهي

shindhri c

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ  وفاقي حڪومت طرفان سنڌ کي ڏنل تحفو آهي، بلي جا بل ادا ڪرڻ جي باوجود سنڌ ۾ غير اعلانيل لوڊ شيڊنگ ڪئي پئي وڃي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌڙي پهچي تعمير ٿيندڙ سانگهڙ – ميرپورخاص روڊ جو دورو ڪري  ڪم جو جائزو ورتو.

 ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو  ته بل ادا ڪرڻ باوجود سنڌ کي وفاقي سرڪار بجلي نه ڏئي رهي آهي.

هن چيو ته سنڌ ۾ بجلي جي ڊگھي لوڊ شيڊنگ وفاقي حڪومت جو تحفو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته سنڌ کي نئين سر تعمير ڪري رهيا آهيون، سنڌ ايندڙ سال جي آخر تائين تبديل ٿي ويندي.

هن وڌيڪ چيو ته عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ هٿرادو واڌ ڪندڙنخلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*