قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪومت ادارن سان ويڙهه ڪري رهي آهي

khursheed shah

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪومت ادارن سان ويڙهه ڪري رهي آهي، غير يقيني  واري صورتحال تي سڀ محب وطن پاڪستاني پريشان آهن.

قومي اسيمبليءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي خورشيد شاهه چيو ته  جاچ ڪندڙن جي ٻارڙن لاءِ زمين تنگ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، اهي ڌمڪيون انهن ججن کي ڏنيون ويون جيڪي حڪومت کي جي آءِ ٽي ڏانهن وٺي آيا آهن.

هن چيو ته وزيراعظم هائوس جو ترجمان چوي ٿو ته ججن جو رويو درست ناهي، حڪومت ادارن سان ويڙهه ڪري رهي آهي ۽ ادارن سان ٽڪراءُ تباهي طرف وٺي ويندو آهي.

خورشيد شاهه چيو ته  هڪ سينيٽر کي ڪنهن همت ڏني ته هو اهڙي ڳالهه ڪري، ٻن سالن کانپوءِ نهال هاشمي کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويندو.

خورشيد شاهه چيو ته هنن جانين جون قربانيون ڏنيون، ڪوڙا کاڌا پر اهڙيون ڌمڪيون نه ڏنيون، اوهان ملڪ کي ڪهڙي طرف وٺي وڃي رهيا آهيو، ٻڌايو وڃي ته جمهوريت جو ڇا ٿيندو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*