اميد آهي ته هن ڀيري سينيٽ چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ نه ٿيندي ظفر اقبال جهڳڙا

حڪمران جماعت مسلم ليگ نون پاران سينيٽ چونڊن لاءِ مختلف اميدوارن جا انٽرويوز ورتا ويا آهن، ظفر اقبال جهڳڙا اميد ظاهر ڪئي آهي ته هن ڀيري سينيٽ اليڪشن ۾ هارس ٽريڊنگ نه ٿيندي، سندن ڪوشش آهي ته ذهين ۽ هوشيار ماڻهو ايوان ۾ اچي عوام جي مسئلن کي اُجاگر ڪن.

اسلام آباد ۾ مسلم ليگ نــُون جـِي پارلياماني بورڊ جو اجلاس پارٽي سيڪريٽريٽ ۾ ٻـَي ڏينهن به جاري رهيو، جنهن ۾ راجا ظفر الحق، ظفر اقبال جهڳڙا، وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، پرويز رشيد، گورنر ڪي پي ڪي سردار مهتاب عباسي، اسماعيل راهو، ثناءُ الله زهري، پير صابر شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ سينيٽ چونڊن لاءِ اسلام آباد، بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ جي اميدوارن جا انٽرويوز ورتا ويا.

 جاري ڪيل پڌرائي موجب، اجلاس ۾ بلوچستان ۾ 24 سينيٽرز جا انٽرويوز ورتا ويا، جن ۾ اڳوڻو سينيٽر لشڪر رئيساڻي ۽ ناصر يعقوب شامل آهن.

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اڪبر وزير ۽ عبدالمجيد اورڪزئي سميت فاٽا سان تعلق رکندڙ 5 ميمبرز پاران به سينيٽر چونڊجڻ لاءِ درخواستون مليون آهن.

اسلام آباد جي 16، خيبرپختونخواهه جي 10 7 سنڌ مان هڪ ميمبرز جا به اجلاس ۾ انٽرويو ورتا ويا.

اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ن ليگ اڳواڻ ظفر اقبال جهڳڙا چيو ته اسلام آباد، چئني صوبن ۽ فاٽا مان اميدوارن جا انٽروز ورتا پيا وڃن، سندن ڪوشش آهي ته ذهين ۽ هوشيار ماڻهو ايوان ۾ اچي عوام جي مسئلن کي اجاگر ڪن.

ظفر اقبال جهڳڙا چيو ته کيس اميد آهي ته هن ڀيري سينيٽ چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ نه ٿيندي، اميدوار پنهنجيون ذميواريون پوريون ڪندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*