ٺل ۾ ٻرڙا ۽ ڪنراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا

ٺل ۾ ٻرڙا ۽ ڪنراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

رهبر چوڪ تي ڪنراڻي برادري پاران پوليس جي مبينا ذيادتين خلاف احتجاج ڪرڻ دوران روڊ بلاڪ ٿيڻ واري ڳالهه تان ڪنراڻي ۽ ٻرڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو.

جهيڙي دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون زخمي سبب نوجوان گل حسن ڪنراني، مجيد، علي جان، اقرار ٻرڙو، رانجهن ٻرڙو، ممتازعلي، زاهد ٻرڙو سميت 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*