وڏي وزير قائم علي شاهه صوبي جي پائيپ لائين مان تيل جي چوري روڪڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سمورن ڊي سيز کي صوبي ۾ پائيپ لائين مان تيل جي چوري روڪڻ ۽ امن امان جي بهتري لاءِ ايس ايس پيز ۽ ٻين عملدارن سان رابطا وڌائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ امن امان ۽ ترقياتي ڪمن بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪمشنرز ۽ ڊي سيزشرڪت ڪئي.

اجلاس دوران وڏي وزير سمورن ڊي سيز کي پائپ لائينز مان تيل جي چوري روڪڻ جون هدايتون ڏنيون.

وڏي وزير صوبي ۾ امن امان جي قيام لاءِ ڊي سيز ، کي ايس ايس پيز ۽ ٻين عملدارن سان رابطا وڌائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

 وڏي وزير ڊي سيز کي سندن علائقن ۾ جاري ترقياتي ڪمن ۾ معيار کي يقيني بڻائڻ جي به هدايت ڪئي آهي.

وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ وفاقي حڪومت طرفان 3 سنڌ ۾  ارب رپين جي ماليت سان جاري ترقياتي ڪمن  جي رفتار جو به جائزو ورتو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*