سنڌ اسيمبلي ۾ ڏڪار بابت التوا واري رٿ جمع ڪرائي آهي خواجا اظهارالحسن

سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو، متحده اڳواڻ خواجه اظهار الحسن  چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ ڏڪار بابت التوا واري رٿ جمع ڪرائي وئي آهي.

سنڌ اسيمبلي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس سيد سردار احمد جي صدرات هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ٿر ڏڪار بابت التوا واري رٿ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

ان موقعي تي متحده اڳواڻ خواجه اظهار الحسن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٿر بابت ميڊيا تي هلندڙ رپورٽس کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي، جنهن سان ٿر واسين جي سائهتا نه پئي ٿئي.

هن چيو ته آچر ڏينهن متحده وفد ٿر جو دورو ڪري ڏڪار متاثرن ۾ امدادي سامان ورهائيندو ۽ سندن حال اوريندو.

خواجه اظهار الحسن جو چوڻ هو ته هو ڪوشش ڪندا ته حڪومت نوڪريون وڪرو نه ڪري، جڏهن ته ترقياتي ڪمن بابت تفصيل جلد جمع ڪرايا ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*