نواز ليگ جي مستعفي ٿيل سينيٽر نهال هاشمي خلاف ادارن کي ڌمڪائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي 16 جون تائين ملتوي ڪئي وئي آهي

Supreme-Court-27117

نواز ليگ جي مستعفي ٿيل سينيٽر نهال هاشمي خلاف ادارن کي ڌمڪائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي 16 جون تائين ملتوي ڪئي وئي آهي، جسٽس اعجاز الحسن نهال هاشمي کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان مسئلي کي هلڪو وٺي رهيا آهيو.

جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ پاناما ڪيس جي جــَي آءِ ٽي جي ميمبرن ۽ ججز کي ڌمڪيون ڏيندڙ نهال هاشمي خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران نهال هاشمي چيو ته سندس تقرير جي ويڊيو عدالت ۾ هلائي وڃي.

جسٽس اعجاز افضل رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان معاملي کي گهڻو سنجيده  نه وٺي رهيا آهيو، ويڊيو عدالت ۾ هلائڻ جي ضرورت ئي ناهي.

 نهال هاشمي چيو ته مان عدالت جي توهين جو تصور به نه ٿو ڪري سگهان.

نهال هاسمي چيو ته ڪو به وڪيل سندس ڪيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي، کيس وڪيل مقرر ڪرڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي، جنهن تي عدالت ٻڌڻي 16 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي نهال هاسمي چيو ته هو محب وطن پاڪستاني آهي،ساڻس ناانصافي ٿي آهي.

نهال هاشمي چيو ته هڪ سياسي قوت ادارن ۾ ٽڪراءُ چاهي ٿي، عمران خان ڊي چوڪ تي چيني صدر کي چيو هو ته پاڪستان نه اچجان.

هن چيو ته عدالت کيس جواب جمع ڪرائڻ جو موقعو ڏنو آهي، سندس تقرير کي بنياد بڻائي عمران خان عدالت تي حملو ڪيو آهي.

نهال هاشمي چيو ته هن چيو هو ته هر اداري ۾ سازشي ماڻهو موجود آهن. هو هميشه سپريم ڪورٽ جو احترام ڪندو.

مسلم ليگ ن اڳواڻ چيو ته توهين مان نه پر عمران خان ڪئي آهي، مون عدالت کي چيو ته مون سان زيادتي ٿي آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*