خيرپور جي نوجوان کي روزگار جي ڳولا ذهني مريض بڻائي ڇڏيو،اسپتال ۾ داخل ڪرائڻ باوجود ڊاڪٽرن نوجوان کي زنجيرن سان جڪڙڻ جو مشورو ڏئي فارغ ڪري ڇڏيو

khairpur berozgari

خيرپور جي نوجوان کي روزگار جي ڳولا ذهني مريض بڻائي ڇڏيو،اسپتال ۾ داخل ڪرائڻ باوجود ڊاڪٽرن نوجوان کي زنجيرن سان جڪڙڻ جو مشورو ڏئي فارغ ڪري ڇڏيو.

خيرپور جي ڳوٺ ڦلپوٽو جو رهائشي 18 ورهين جومنٺار ڦلپوٽو 4 ڏينهن اڳ روزگار لاءِ 22 هزار رپيا کڻي ڪراچي لاءِ روانو ٿيو، سفر دوران مسافرن جي روپ ۾موجود نامعلوم ماڻهون نشيدارشئي کارائي بيهوش ڪري سندس پئيسا ڪڍي ويا.

واقعي بعد پوليس نوجوان کي بيهوشي جي حالت ۾ خيرپور آڻي وارثن جي حوالي ڪيو، جنهن کي سکر جي سول  اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو.

ٽن ڏينهن بعد ڊاڪٽرن نوجوان کي پرائيوٽ اسپتال مان علاج ڪرائڻ يا زنجيرسان ٻڌڻ جو مشورو ڏئي فارغ ڪري ڇڏيو.

نوجوان جي والد موجب هو غريب هئڻ ڪري پرائيوٽ اسپتال مان علاج نٿا ڪرائي سگھن، ان ڪري زنجيرن سان جڪڙيو آهي.

لاڳاپيل خبرون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*