لاڙڪاڻي ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئشن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

larkana

لاڙڪاڻي ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئشن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

شاهي خان جاگيراڻي ۽ ذوالفقار سهتي جي اڳواڻي ۾ پيرا ميڊيڪل ملازمن چانڊڪا اسپتال جي سٽي بلاڪ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرين چيو ته چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر عنايت ڪانڌڙي کي هٽائي رليو ڪيل ملازمن کي ٻيهر واپس آندو وڃي.

مظاهرين چيو ته جيستائين ملازمن جا مطالبا منظور نه ڪيا ويندا، تيستائين احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*