سکر جي احتساب عدالت ڪرپشن جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي نوابشاهه جي اڳوڻي فوڊ انسپيڪٽر طارق جويو کي 10 سال قيد ۽ 28 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي

atc

سکر جي احتساب عدالت ڪرپشن جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي نوابشاهه جي اڳوڻي فوڊ انسپيڪٽر طارق جويو کي 10 سال قيد ۽ 28 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

احتساب عدالت ۾ ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ڪڻڪ جون ٻوريون خردبرد ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت اڳوڻي فوڊ انسپيڪٽر طارق جويو کي 10 سال قيد ۽ 28 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي.

اڳوڻي فوڊ انسپيڪٽر طارق جويو تي ڪڻڪ جو ٻوريون خرد برد ڪري قومي خزاني کي 57 لک نقصان پهچائڻ جو الزام هو، جنهن خلاف نيب سکر پاران ريفرنس تيار ڪري احتساب عدالت کي موڪليو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*