عالمي بئنڪ جي ناڻي ۽ فني ڪميٽي جي وفد سکر بئراج جو دورو ڪري پاڻي وهڪرن جو جائزو ورتو

world bank visit sukkur bridge

عالمي بئنڪ جي ناڻي ۽ فني ڪميٽي جي وفد سکر بئراج جو دورو ڪري پاڻي وهڪرن جو جائزو ورتو، وفد جي اڳواڻ بئري چيو ته بئراج جو ٻاهريون ڏيک خوبصورت آهي، پاڻي وهڪرن جو سنجيدگي سان جائزو وٺڻو پوندو.

 سکر بئنراج جي دوري دوران وفد جي اڳواڻ بئري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بئراج جي ٻيهر مرمت ڪرڻ ۽ نئون بئراج  ٺاهڻ بابت ڪجھ چوڻ وقت کان اڳ هوندو.

بئري چيو ته بئراج جي ٻاهرين بناوت خوبصورت ۽ مضبوط آهي، سڄو مهينو مرحليوار جائزو وٺڻ بعد بئراج جي مرمت، بحالي ۽ نئين بئراج جي تعمير لاءِ فنڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.

ان موقعي تي چيف انجنيئر سکر بئراج ڀائي خان لاکي عالمي بئنڪ جي وفد کي بئراج بابت بريفنگ ڏني……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*