عذير بلوچ کي ڏيهه آڻڻ لاءِ ايس ايس پي نويد خواجه جي سربراهي ۾ 2 رڪني ٽيم دبئي پهچي وئي

دبئي ۾ گرفتار لياري گينگ وار جي مک ڪردار  عزير بلوچ  کي ڏيهه آڻڻ لاءِ ايس ايس پي نويد خواجه جي سربراهي ۾ 2 رڪني ٽيم دبئي پهچي وئي آهي.

عذير بلوچ کي 29 ڊسمبر تي دبئي ۽ عمان بارڊر تي گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن کي ڏيهه آڻڻ لاءِ ايس ايس پي نويد خواجه جي سربراهي ۾ ٻه رڪني ٽيم دبئي پهتي  آهي.

دبئي پهتل ٽيم جو چوڻ آهي ته عذير بلوچ جي حوالگي لاءِ ايندڙ آچر کان قانوني ڪارروائي شروع ڪئي ويندي.

عذير بلوچ تي قتل  ۽  ڀنگ لاءِ اغوا  سميت مختلف ڪيس داخل آهن، سندس گرفتاري لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻيون عدالتون ڪيترائي ڀيرا وارنٽ جاري ڪري چڪيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*