سنڌ هاءِ ڪورٽ 20 ارب رپين جي هرجاڻي واري درخواست تي صنعتڪار صدرالدين هاشواڻي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف زردراي جي صنعتڪار  صدرالدين هاشواڻي خلاف 20 ارب رپين جي هرجاڻي واري درخواست تي هاشواڻي کي 26 فيبروري تي پيش ٿيڻ لاءِ ٻيهر نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نذر اڪبر تي ٻڌل سنگل  بئنچ آصف زرداري جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

آصف زرداري درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته صدرالدين هاشواڻي  پنهنجي ڪتاب سچ جي سفر ۾ مٿس غلط الزام مڙهيا آهن.

صدرالدين هاشواڻي طرفان اڳوڻو اٽارني جنرل منير اي ملڪ پيش ٿيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ صدرالدين هاشواڻي جي پيش نه ٿيڻ تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي کيس 26 فيبروي تي پيش ٿيڻ لاءِ  ٻيهر نوٽيس جاري ڪيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*