نوابشاهه ۾ فليٽ اندر باهه لڳڻ سبب 2 نوجوان سڙي زخمي ٿي پيا

نوابشاهه ۾ فليٽ اندر باهه لڳڻ سبب 2 نوجوان سڙي زخمي ٿي پيا، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پي ايم يو منتقل ڪيو ويو، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته نوجوانن جو 70 سيڪڙو جسم سڙي ويو آهي.

موهڻي بازار ۾ رحمان پلازه اندر گهر مالڪ عبدالرحمان عرف جاني سومرو ۽ سندس سئوٽ محمد شعبان جنريٽر ۾ تيل وجھي رهيا هئا ته باهه لڳي وئي.

واقعي سبب ٻئي نوجوان سڙي زخمي ٿي پيا، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پي ايم يو نوابشاهه منتقل ڪيو ويو، جتي سندن علاج  ڪيو پيو وڃي.

ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ٻنهي نوجوانن جو 70 سيڪڙو جسم سڙي ويو آهي، سندن زندگيون بچائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*