لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب ۾ وقتي گورنر جي مقرري لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت 9 فيبروري تي جواب طلب ڪري ورتو

لاهور هاءِ ڪورٽ، پنجاب ۾ وقتي گورنر جي مقرري لاءِ درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کان 9 فيبروري تي جواب طلب ڪري ورتو آهي، جڏهن ته عدالت موبائيل فون جي تصديق تي ٽيڪس خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.

جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ پنجاب ۾ وقتي گورنر جي مقرري خلاف درخواست تي شروعاتي ٻڌڻي  ڪئي.

درخوستگذار ايڊووڪيٽ اظهر صديق موقف اختيار ڪيو ته آئين جي آرٽيڪل 104 تحت جيڪڏهن ڪو گورنر استعيفيٰ ڏئي ٿو ته وقتي گورنر جي مقرري نٿي ٿي سگهي.

درخوستگذار موجب آئين تحت گورنر جي موڪل تي وڃڻ سبب ئي اسپيڪر کي وقتي گورنر مقرري ڪري سگهجي ٿو، پنجاب ۾ وقتي گورنر جي مقرري آئين جي خلاف آهي.

 جسٽس منصور علي شاهه پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙي قانون تحت اسپيڪر کي وقتي گورنر مقرر ڪيو ويو آهي.

عدالت، وفاق ۽ پنجاب حڪومت کان جواب طلب ڪندي وقتي گورنر جي مقرري وارو نوٽيفڪيشن 9 فيبروري تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

هوڏانهن لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اعجاز الحسن تي ٻڌل سنگل بينچ موبائيل فون جي تصديق تي 10 رپيا ٽيڪس لاڳو ڪرڻ خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته موبائيل فون جي بائيو ميٽرڪ تصديق لاءِ في سم تي 10 رپيا وصولي غير قانوني آهي، عدالت ان کي غير قانوني قرار ڏئي.

عدالت، اهڙي درخواست رد ڪندي درخواستگذار کي پي ٽي اي سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*