پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته قانون جي حڪمراني جا دعويدار هڪ تصوير ذريعي مظلوميت ثابت ڪرڻ چاهين ٿا

bilawal zardari

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته قانون جي حڪمراني جا دعويدار هڪ تصوير ذريعي مظلوميت ثابت ڪرڻ چاهين ٿا، حسين نواز ڪرسيءَ تي آرام سان وٺيل آهي ۽ وٽس سڀ ڪجهه موجود آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاناما ڪيس ۽ جي آءِ ٽي جي ڪارروائي قانون جي حڪمراني جو به امتحان آهي،

هن چيو ته ماضي ۾ انهن جو احتسان نه ٿيو، ڏسون ٿا ته تخت رائيونڊ جو احتساب ٿئي ٿو يا نه،

پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته قانون جي حڪمراني جا دعويدار هڪ تصوير ذريعي مظلوميت ثابت ڪرڻ چاهين ٿا،

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جن کي جي آءِ ٽي ۾ گهرايو پيو وڃي، انهن جو سياست سان ڪو تعلق ناهي.

بلاول چيو ته حسين نواز ڪرسيءَ تي آرام سان وٺيل آهي ۽ وٽس سڀ ڪجهه موجود آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*