قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ اڄ به اپوزيشن احتجاج ڪندي واڪ آئوٽ ڪيو، اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته شهباز شريف سپريم ڪورٽ خلاف بيان ڏنو آهي

khursheed shah isb

قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ اڄ به اپوزيشن احتجاج ڪندي واڪ آئوٽ ڪيو، اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته شهباز شريف سپريم ڪورٽ خلاف بيان ڏنو آهي،اسان جي هڪ وزيراعظم کي ڦاهي ۽ ٻئي کي نااهل قرار ڏنو ويو پر اسان ادارن کي ڌمڪي نه ڏني.

اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ اپوزيشن جماعتن احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ۽ ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته هڪ خاندان جي ڪري ادارا تباهه ڪيا پيا وڃن، اليڪشن ڪميشن کي به تڪراري سڏيو پيو وڃي.

اپوزيشن ليڊر چيو ته طاقت جي زور تي حڪمراني جي روايت وڌي پئي وڃي، گذريل ڏينهن پنجاب جي وڏي وزير سپريم ڪورٽ خلاف بيان ڏنو آهي ته عدالت هڪ خاندان خلاف بندوق کڻي ورتي آهي.

اپوزيشن ليڊر چيو ته پ پ جي هڪ وزيراعظم کي ڦاهي ڏني وئي ۽ ٻئي کي نااهل قرار ڏنو ويو پر سندن قيادت بندوق کڻڻ جهڙو بيان نه ڏنو..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*