دهشتگردي ٽوڙ عدالت زهريٰ شاهد قتل ڪيس ۾ چئن جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

 ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ زهريٰ شاهد قتل ڪيس ۾ چئن فرار جوابدرن جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي سندن خلاف ڪارروائي تيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

 دهشتگردي ٽوڙ عدالت عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ زهريٰ شاهد قتل ڪيس ۾ فرار 4 جوابدارن جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪيا، جڏهن ته ساڳئي ڪيس ۾جوابدار زاهد حسين ۽ راشد ٽيلز گرفتار آهن.

عدالت فرار 4 جوابدارن خلاف ٻيهر اشتهاري قرار ڏيندي ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 18 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*