سنڌ پوليس جي سينيئر عملدارن وچ ۾ ڇڪتاڻ جاري آهي، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا ايڊيشنل آءِ جي ٽريفڪ خادم حسين ڀٽي جي ڪيل ايس پي خالد مصطفيٰ ڪورائي جي بدلي رد ڪري ڇڏي آهي

ig notification

سنڌ پوليس جي سينيئر عملدارن وچ ۾ ڇڪتاڻ جاري آهي، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا  ايڊيشنل آءِ جي ٽريفڪ خادم حسين ڀٽي جي ڪيل ايس پي خالد مصطفيٰ ڪورائي جي بدلي رد ڪري ڇڏي آهي.

ايڊيشنل آءِ جي ٽريفڪ خادم حسين ڀٽي، ايس ايس پي خالد مصطفيٰ ڪورائي کي ٽريفڪ پوليس کان لائسنسنگ برانچ  ۾ بدلي ڪيو.

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه ايڊيشنل آءِ خادم ڀٽي پاران جاري ڪيل بدلي آرڊر رد ڪندي خالد مصطفيٰ ڪورائي کي پنهنجي عهدي تي واپس ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا جو چوڻ آهي ته آفيسر جون بدليون ڪرڻ جا اختيار سندس آهن، هو آفيسر پنهنجي حد ۾ رهي ڪم ڪري.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*